شاهنواز خان شهيد

شاهنواز خان شهيد: جڳ مشهور تصنيف ‘مآثر الامراء’ جي مصنف خان شهيد'>شاهنواز خان شهيد خوافي جو اصل نالو عبدالرزاق حسين هو. هو سرڪار طرفان ڏنل لقب ’شاهنواز خان‘ سان مشهور هو. هن جا وڏا اصل ۾ ايران جي شهر خراسان جي هڪ ڳوٺ خواف سان تعلق رکندا هئا، جيڪي شهنشاهه جلال الدين محمد اڪبر جي زماني ۾ هندستان آيا ۽ هتي وڏي عزت حاصل ڪيائون. شاهنواز خان لاهور ۾ 28 رمضان المبارڪ 1111هه/ 8 مارچ 1700ع تي پيدا ٿيو. هو اڃا جوان هو ته اورنگ آباد هليو ويو، جتي پهرين خودمختيار نظام نواب آصف جاه هن کي برار شهر جو وزير مقرر ڪيو. 1155هه/1742ع ۾ شاهنواز بغاوت ۾ ملوث ٿي ويو، جيڪا نواب آصف جاهه جي پٽ ناصر جنگ پنهنجي پيءُ خلاف ڪئي هئي ۽ جڏهن اها بغاوت ناڪام ٿي، تڏهن شاهنواز خان کي سندس عهدي تان برطرف ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ هو پنج سال پنهنجي تصنيف ‘مآثرالامراء’ جي تحقيق ۾ مصروف ٿي ويو. نواب آصف جاهه پنهنجي حڪومت جي خاتمي کان ٿورو پهرين 1160هه/1747ع ۾ سندس غلطي معاف ڪري کيس انهيءَ عهدي تي بحال ڪيو، جنهن تي هو پوءِ جي ٻن بادشاهن نواب ناصر جنگ ۽ نواب صلابت جنگ جي دؤر ۾ به برابر فائز رهيو. 1170هه/1756ع ۾ شاهنواز خان هڪ فرانسيسي جماعت جي تمام گهڻي مخالفت ڪئي ۽ انهن کي گهٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ٿوري عرصي کان پوءِ 3 رمضان 1171هه/11 مئي 1758ع ۾ هڪ فرانسيسي ڪرنل بسي (Bussy) جي سپاهين جي هٿان مارجي ويو، پر ڪن روايتن ۾ ڄاڻايل آهي ته شاهنواز خان کي خود فرانسيسي ڪرنل بسي پنهنجي هٿ سان گوليون هڻي شهيد ڪري ڇڏيو هو.
هن جي فقط ٻن تصنيفن جو پتو پوي ٿو: (1) ‘مآثر الامراء’ ۽ (2) ‘بهارستان سخن’. سندس تاريخي ڪتاب ‘مآثر الامراء’ جو ٽن ڀاڱن ۾ اردو ترجمو، اردو بورڊ پاران شايع ڪيو ويو آهي.


لفظ شاهنواز خان شهيدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو